گلگت بلتستان ۾ رستو روڪيو پيو وڃي، معاملا آئين موجب ناهن: پ پ

گلگت بلتستان ۾ رستو روڪيو پيو وڃي، معاملا آئين موجب ناهن: پ پ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ نئير حسين بخاري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ هڪ آزاد اميدوار جي شموليت کان پوءِ پارٽي جون سيٽون 12 ٿي ويون آهن. سپريم اپيليٽ بينچ پيپلز پارٽي جي ٻن ڪامياب اميدوارن بابت حڪم معطل ڪندي 2 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪئي آهي. پوسٽل بيلٽن جي ڳڻپ ۾ کٽيندڙ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ هارائي مخالف اميدوار کي فارم 49 جاري ڪيو ويو. چونڊ قانونن تحت پولنگ کان 14 ڏينهن اندر سرڪاري گزيٽ جاري ٿيڻ لازمي آهي، جيڪو اڃا تائين جاري ناهي ٿيو. سرڪاري گزيٽ جاري ٿيڻ کان اڳ ئي چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد اميدوار کي آءِ پي پي جو ميمبر قبول ڪري وقت کان اڳ فيصلو ڪيو. نيئر حسين بخاري چيو ته گلگت بلتستان ۾ معاملا آئين ۽ قانون موجب نه هلي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مخصوص ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽن سميت پيپلز پارٽي وٽ 17 کان 19 سيٽن جي واضح اڪثريت ٺهي ٿي. آءِ پي پي قيادت پيپلز پارٽي سان ملاقات ڪري حڪومت سازي ۾ سهڪار جي بدلي وزارتن جو مطالبو ڪيو آهي. نيئر حسين بخاري چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت فيصلو ڪندي ته حڪومت ڪيئن ٺاهڻي آهي ۽ اتحاد ۾ ڪنهن کي شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته قمر زمان ڪائره ۽ امجد حسين ايڊووڪيٽ جي امير مقام ۽ حافظ حفيظ الرحمان سان ملاقات ٿي آهي. ان شاءَ الله گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي. هن چيو ته اسلام آباد جي سطح تي مسلم ليگ (ن) سان به ڳالهين جو سلسلو جاري آهي ۽ سياسي ڊائلاگ هلي رهيو آهي.