گلگت حڪومت عوام دوست سياست جو مظهر آهي: شرجيل 

گلگت حڪومت عوام دوست سياست جو مظهر آهي: شرجيل 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير  شرجيل انعام ميمڻ گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير ايڊووڪيٽ امجد حسين کي حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايڊووڪيٽ امجد حسين جو وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ پ پ جي عوام دوست سياست جو مظهر آهي، گلگتي عوام ٻيهر پ پ قيادت ۽ سندن ويزن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ايڊووڪيٽ امجد حسين گلگت بلتستان ۾ ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جو هڪ نئون باب شروع ڪندو، گلگت حڪومت عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻندي، هوڏانهن ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب  به گلگتي وزيراعليٰ امجد حسين کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته امجد حسين جو وزيرِاعليٰ چونڊجڻ پ پ ۽ جمهوري قدرن جي ڪاميابي آهي.