مرتضيٰ وهاب، ڪاشف شورو، انور لهر، ارسلان شيخ ميئر،گل محمد جکراڻي، ذوالفقار ڪماريو، طاهر کوسو ۽ ٻيا ضلعي چيئرمين لاءِ نامزد: نثار کهڙي پاران اعلان

جُون 5, 2023

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) گل محمد جکراڻي، ذوالفقار ڪماريو، طاهر کوسو ۽ ٻيا ضلعي چيئرمين لاءِ اميدوارن نامزد ٿي ويا، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثاراحمد کهڙي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ڪشمور ضلعي ڪائونسل لاءِ چيئرمين لاءِ مير گل محمد جکراڻي، وائيس چيئرمين لاءِ الطاف احمد کوسو اميدوار نامزد ٿي ويا آهن

ميونسپل ڪاميٽي ڪنڌڪوٽ لاءِ مير راشد سومراڻي چيئرمين ۽  شير محمد سهرياڻي وائيس چيئرمين نامزد ڪيا ويا آهن

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ڪائونسل لاءِ حاجي قمر الدين گوپانگ چيئرمين، غلام محمد اسراڻ وائيس چيئرمين جا اميدوار نامزد ڪيا ويا

ميونسپل ڪاميٽي قمبر چيئرمين لاءِ نوابزاده ريحان چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين نور احمد بروهي جي نالن جو اعلان ٿي ويو

شهدادڪوٽ ميونسپل لاءِ چيئرمين لاءِ يار محمد سومرو، وائيس چيئرمين چندرلال کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي

شڪارپور ضلعي ڪائونسل لاءِ ذوالفقار ڪماريو، وائيس چيئرمين ڪامران مهر پ پ جا اميدوار هوندا جڏهن ته  ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور چيئرمين لاءِ فياض شيخ، وائيس چيئرمين وسيم صديقي کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

جيڪب آباد ضلعي ڪائونسل لاءِ چيئرمين طاهر کوسو، وائيس چيئرمين لاءِ رضوان اوڍو پ پ پاران اميدوار هوندا جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد چيئرمين لاءِ غلام عباس جکراڻي، وائيس چيئرمين لاءِ آصف ابڙو کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

لاڙڪاڻو ضلعي ڪائونسل لاءِ اعجاز احمد لغاري ۽ وائيس چيئرمين لاءِ اسدالله ڀٽو ، لاڙڪاڻو ڪارپوريشن لاءِ ميئر محمد انور لوهر ۽ ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ اميدوار هوندا

گهوٽڪي ضلعي ڪائونسل چيئرمين لاءِ بنگل خان مهر، وائيس چيئرمين لاءِ بابر خان لنڊ، گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي تي چيئرمين ڄام آصف رزاق، وائيس چيئرمين لاءِ سک ديو  کي نامزد ڪيو ويو

گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو لاءِ مير شعبان لنڊ چيئرمين ۽ خالد مغل وائيس چيئرمين پ پ جا اميدوار هوندا

خيرپور ضلعي ڪائونسل شيراز شوڪت راڄپر چيئرمين، سيد فهد علي شاهه جيلاني وائيس چيئرمين جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي خيرپور لاءِ چيئرمين لاءِ ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، وائيس چيئرمين لاءِ منير منگي کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

سکر ضلعي ڪائونسل چيئرمين لاءِ سيد ڪميل شاهه، وائيس چيئرمين اختر علي مهر   جڏهن ته  سکر ميونسپل ڪارپوريشن تي ميئر لاءِ ارسلان شيخ ڊپٽي ميئر لاءِ ڊاڪٽر ارشد مغل  پ پ جا اميدوار هوندا

نوشهرو فيرو ضلعي ڪائونسل لاءِ سهيل احمد عباسي، وائيس چيئرمين علي شير ڀرٽ کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

نوشهرو فيرو ميونسپل ڪاميٽي تي چيئرمين پير قربان ۽ وائيس چيئرمين ڪاشف ميمڻ جڏهن ته سانگهڙ ضلعي ڪائونسل لاءِ چيئرمين علي حسن هنڱورجو، وائيس چيئرمين لاءِ ڄام ظهير  جي نالن جو اعلان ڪيو ويو

ٽنڊوآدم ميونسپل لاءِ ملڪ ذوالفقار چيئرمين، ميونسپل ڪاميٽي شهدادپور چيئرمين لاءِ علي مرتضيٰ ٿهيم، وائيس چيئرمين لاءِ لقمان لنڊ پ پ جا اميدوار هوندا

بينظير آباد ضلعي ڪائونسل لاءِ چيئرمين علي اڪبر جمالي، وائيس چيئرمين عبدالرسول بروهي، ميونسپل ڪاميٽي ڪوٽڙي چيئرمين ارباب جعفر شورو، وائيس چيئرمين فخرالدين کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

مٽياري ضلعي ڪائونسل لاءِ چيئرمين مخدوم احمد الزمان، وائيس چيئرمين لاءِ علي مرتضيٰ شاهه، ميونسپل ڪاميٽي هالا لاءِ چيئرمين گل محمد پنهور، وائيس چيئرمين لاءِ محمد صفر ميمڻ پ پ جا اميدوار هوندا

دادو ضلعي ڪائونسل لاءِ  چيئرمين سيد محمد شاهه، وائيس چيئرمين لاءِ شير محمد چانڊيو، ميونسپل ڪاميٽي دادو چيئرمين لاءِ پير دانش، وائيس چيئرمين خالد ميراڻي جي نالن جو اعلان ڪيو ويو

ميونسپل ڪاميٽي ڪي اين شاهه لاءِ چيئرمين خليل ڪلهوڙو، وائيس چيئرمين لاءِ غلام محمد شيخ

ميهڙ ميونسپل ڪاميٽي لاءِ ، ميونسپل ڪاميٽي جوهي چيئرمين لاءِ هلڙ خان لغاري، وائيس چيئرمين شهير جمالي پ پ جا اميدوار هوندا

بدين ضلعي ڪائونسل لاءِ علي اصغر هاليپوٽو ، وائيس چيئرمين، ميونسپل ڪاميٽي بدين لاءِ چيئرمين پير محمد صالح، وائيس چيئرمين علي اڪبر ميمڻ کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

ماتلي ميونسپل ڪاميٽي رضوان احمد قائمخاني، وائيس چيئرمين لاءِ قاضي عبدالوهاب عباسي، سجاول ضلعي ڪائونسل لاءِ دانش ملڪاڻي، وائيس چيئرمين لاءِ رميز الحق زئور پ پ جا اميدوار هوندا

ميونسپل ڪاميٽي سجاول چيئرمين لاءِ آفتاب شاهه، وائيس چيئرمين سجاد لغاري، ٺٽي ضلعي ڪائونسل لاءِ عبدالحميد پنهور وائيس چيئرمين لاءِ ممتاز ۽ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو عطا محمد ميمڻ، وائيس چيئرمين لاءِ عزيز ميمڻ، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل لاءِ چيئرمين سهيل شورو وائيس چيئرمين امان الله  کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ ميئر ڪاشف شورو ۽ ڊپٽي ميئر صغير قريشي، ٽنڊومحمد خان ضلعي ڪائونسل لاءِ قاسم علي شاهه وائيس چيئرمين لاءِ غلام مصطفيٰ جت ۽ ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊومحمدخان چيئرمين شاهنواز شاهه، وائيس چيئرمين لاءِ ڪريم شيخ  ۽ سانگهڙ ضلعي لاءِ چيئرمين علي حسن کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

ڪراچي ۾ گڏاپ ٽائون چيئرمين لاءِ طارق بلوچ، وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو، ، ملير ٽائون لاءِ چيئرمين جان محمد بلوچ، وائيس چيئرمين مظفر شاهه، اورنگي ٽائون چيئرمين لاءِ جميل ضياءَ، وائيس چيئرمين آفان صغير صديقي، منگهوپير ٽائون چيئرمين لاءِ حاجي نواز بروهي، وائيس چيئرمين لاءِ محمد عارف، بلدياٽائون چيئرمين لاءِ عبدالڪريم آسڪاڻي، وائيس چيئرمين عجب خان سواتي پ پ جا اميدوار هوندا

مورڙو ميربحر ٽائون لاءِ چيئرمين علي اڪبر ۽ وائس چيئرمين شوڪت بلوچ، ماڙيپور ٽائون چيئرمين لاءِ همايون خان، ، سهراب ڳوٺ ٽائون لاءِ چيئرمين لالا عبدالرحيم، وائيس چيئرمين لاءِ عمران بروهي، چنيسر ٽائون چيئرمين لاءِ فرحان غني، وائيس چيئرمين محمد شهزاد، صفوران ٽائون چيئرمين لاءِ ڪليم الله عرف راشد خاصخيلي، وائيس چيئرمين لاءِ ، اورنگي ٽائون لاءِ محمد نعيم شيخ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين زرين اعواڻ

لياري ٽائون لاءِ چيئرمين ناصر ڪريم بلوچ، وائيس چيئرمين لاءِ محمد اقبال هنڱورو کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

جڏهن ته ڪراچي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب ۽ وائيس چيئرمين لاءِ سلمان مراد جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول