| گل پلازا باهه واقعي ۾ گم ٿيل سجاول واسيءَ جو پتو نه پيو |
سجاول (رپورٽر) ڪراچي جي گل پلازه ۾ لڳل باھ واري افسوسناڪ واقعي ۾ لاپتا ٿيندڙ سجاول واسي نوجوان جو اڃا تائين ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي. وارثن موجب لاپتا نوجوان عامر ڪنڀار گل پلازه ۾ ٿانون جي دڪان تي ملازمت ڪندو هو. واقعي واري رات لڳ ڀڳ 11 وڳي عامر پنهنجي گهر وارن کي فون ڪري اطلاع ڏنو هو ته پلازه ۾ باھ لڳڻ سبب هو اندر ڦاسي پيو آهي، جنهن کان پوءِ سندس موبائل فون بند ٿي ويو. واقعي کي هاڻي چار ڏينهن گذري چڪا آهن، پر نوجوان بابت ڪا به حتمي ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته باھ بعد ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته ڪجهه لاش به مليا آهن، پر عامر ڪنڀار انهن ۾ شامل آهي يا نه ان بابت اڃا تصديق نه ٿي سگهي آهي. وارثن موجب نوجوان جا ماءُ پيءُ ڪراچي پهچي ويا آهن، جتي لاڳاپيل اختيارين پاران ممڪن لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. نوجوان جي والدين ڊي اين اي جا نمونا فراهم ڪيا آهن ته جيئن لاشن جي سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهي. هوڏانهن لاپتا نوجوان جي گهروارن، مٽن مائٽن ۽ علائقي واسين ۾ سخت پريشاني پکڙيل آهي.