| گل پلازا جا 3 ماڙ ۽ 700 دڪان غير قانوني قرار |
ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گُل پلازا جي باھ متاثر عمارت 1995 ۾ ٺهي، جنهن جي شروعاتي طور تي بيس مينٽ، گرائونڊ پلس ون (ٻه ماڙ) جي منظوري ڏني وئي هئي. 2003 ۾ غيرقانوني طور تي عمارت جا وڌيڪ 3 ماڙ تعمير ڪيا ويا. شروعاتي طور تي عمارت ۾ 500 دڪان هئا چائنا ڪٽنگ ڪري 700 دڪانن جو اضافو آڻي 1200 دڪان ڪيا ويا. هن وقت حالت اها هئي جو پلازا مان نڪرڻ جو ڪو رستو نه هو.