گل پلازا جو نئون پينڊوراباڪس: 18هين ترميم ختم ڪري ڪراچي وفاق حوالي ڪريو: مصطفيٰ ڪمال

گل پلازا جو نئون پينڊوراباڪس: 18هين ترميم ختم ڪري ڪراچي وفاق حوالي ڪريو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده سان لاڳاپيل وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال  ھڪ ڀيرو ٻيھر 18 ترميم ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پ پ پاران جنهن ايم ڪيو ايم تي دھشتگردي  ۽ بلديا سانحي جا الزام ھنيا پيا وڃن، انھي پ پ جي آصف زرداري کي ملڪي صدر بنائڻ جو پروپوزل ايم ڪيو ايم ڏنو ھو، ان وقت آصف علي زرداري 90 جا چڪر ڪاٽيا ھئا. پ پ جا وزير وري الطاف حسين جي طلاق جا معاملا حل ڪري رھيا ھئا، ڪالهه  پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي 18 سالن کان حڪومت آھي جيڪڏهن کين گل پلازا جھڙن واقعن تي ڪجهه چئون ٿا ته اھي بلديا فيڪٽري  ۽ ٻوري بند لاش جا طعنا ڏين ٿا، جيڪڏهن اسان ڏوھاري آھيون ته اسانکي سزا ڏيو ـ ھن چيو ته الذوالفقار  ٺھڻ، جھاز جي اغوا،  مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۽ شھيد بيبي جي شھادت کانپوءِ  سندس قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ جا الزام به ايم ڪيو ايم تي ھڻو ۽ اسانکي ڦاسي تي چاڙھيو،  ھن چيو ته سنڌ ۾ اسان اقليت ۾ آھيون، اسانجي صوبائي حڪومت نٿي ٺھي سگھي، اھڙي صورتحال ۾ مڪاني نظام جوڙيو ويندو آھي ته جيئن اقليتي ماڻهو به پنهنجا مسئلا حل ڪرائي سگھن پر ھتي ته بلدياتي نظام نه پر جاگيرداري نظام آھي، 18 ترميم جو اسانکي ڪو فائدو ناھي ٿيو، اختيار ھيٺ منتقل ٿيڻ بدران سي ايم وٽ رھجي ويا، اسان جڏهن بلدياتي قانون ۾ ترميم جي ڪابينا کان منظوري ورتي ته پ پ انھي جي مخالفت ڪئي، جنهن سبب اھا ترميم 27 ھين ترميم ۾ شامل نه ٿي سگھي،  ھن چيو ته پ پ جمھوري دھشثگردي  ڪري رھي آھي، جيڪي ادارا ڀارت کي شڪست ڏئي سگھن ٿا، اھي ملڪ ۾ جمھوري دھشثگردي  تي خاموش ڇو آھن؟ ھن چيو ته ڪراچي جو نوجوان مايوس ٿي چڪو آھي، ھر طرف باھ لڳائڻ وارا ماڻهو موجود آھن، اسان صبر کان ڪم ورتو آھي، ڪراچي جا شھري ڪڏهن گٽر نالن، ڪڏهن ڊمپرن ۽ ڪڏهن باھ جي واقعن ۾ سڙي مرن پيا ڪراچي جي نوجوانن کي پنهنجي نااھل حڪومت ڪري ملڪ خلاف ڀڙڪايو پيا ، اسان کين روڪيو آھي نه ته ھر گھٽي ۾ باھ لڳائڻ وارا موجود آهن ھن چيو ته  اسين ھن صوبي ۾ اقليت ۾ آھيون، انھن جي حق  حاڪيمت لاءِ مڪاني حڪومتن جو نظام آھي پر اوھان کان اھو حق کسي ورتو آھي، آرٽيڪل 148 اي جي خلاف ورزي ڪريو پيا، اسانجي 18 ترميم ذريعي نسل ڪشي ٿي رھي آھي، پاڪستان کي بچائڻ لاء ڪراچي کي آرٽيڪل 148-149 تحت وفاق حوالي ڪيو وڃي، انهي کي وفاقي گادي جو معاشي ھنڌ بڻايو وڃي، ڀٽو جي آئين ۾ ڏنل آپشن تحت ڪراچي کي ملڪ جو معاشي حب ڊڪليئر ڪري وفاق حوالي ڪيو وڃي، هن چيو ته  وزيراعظم شهباز شريف چاهيندي به ڪراچي لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري ته پيپلزپارٽي ناراض نه ٿي وڃي