گل پلازا جي باقي حصي کي ڊاهڻو پوندو: بلڊنگ ڪنٽرول

گل پلازا جي باقي حصي کي ڊاهڻو پوندو: بلڊنگ ڪنٽرول

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي ٽيم گل پلازا جو معائنو ڪرڻ بعد ريسڪيو  عملدارن کي عمارت اندر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.ڊائريڪٽر ايس بي سي اي ريحان احمد موجب گل پلازا جي عمارت هاڻي خطرناڪ حالت ۾ آهي پر احتياطي تدبيرن سان بچاءُ جو ڪم جاري رکي سگهجي ٿو. هن چيو ته عمارت اندر اڃا تائين وڏي مقدار ۾ دونھون موجود آهي، جنهن سبب بنا حفاظتي انتظامن جي ريسڪيو آپريشن به انتهائي خطري کان خالي ناهي. ڊائريڪٽر ريحان احمد ٻڌايو ته ريسڪيو آپريشن دوران خاص خيال رکيو وڃي ته عمارت جي ٿنڀن، ڀتين ۽ بيمن کي وڌيڪ نقصان نه پهچي، هن چيو ته عمارت جي مختلف وقتن تي سروي ڪئي ويندي ته جيئن حالتن جو جائزو وٺي سگهجي.ڊائريڪٽر ايس بي سي اي موجب ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ گل پلازا جي باقي حصي کي ڊاهڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته عمارت رهائش يا ڪاروباري استعمال لاءِ محفوظ نه رهي آهي.ايس بي سي اي آفيسرن موجب اٿارٽي جي ٽيم ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ تائين واقعي واري هنڌ موجود رهندي