| گل پلازا جي عدالتي جاچ رپورٽ سنڌ سرڪار حوالي: عدالتي ڪميشن پاران ميڊيا جي واکاڻ |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) گل پلازا سانحي جي عدالتي جاچ ڪندڙ ڪميشن جي سربراھ جسٽس آغا فيصل پنهنجي جاچ رپورٽ سنڌ حڪومتِ حوالي ڪري ڇڏي، چيئرمين پاران ميڊيا جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي، ان ڏس ۾ گل پلازا کي 17 جنوري 2026 تي باھ لڳي هئي، جنهن ۾ 73 کان وڌيڪ شهري فوت ٿي ويا هئا *سنڌ حڪومت 10 فيبروري تي جوڊيشل ڪميشن جي قيام جو گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو* 14 فيبروري تي جوڊيشل ڪميشن گل پلازا جو دورو ڪيو *16 فيبروري تي ڪميشن ڊي سي سائوٿ آفيس ۾ متاثرن جا بيان قلمبند ڪيا* 18 فيبروري تي ڪميشن چيف فائر آفيسر، ريسڪيو 1122، ايڌي، ڇيپا ۽ گل پلازا يونين جي صدر تنوير پاستا جا بيان قلمبند ڪيا * 19 فيبروري تي ڪميشن ڪي ايم سي جي سينيئر ڊائريڪٽر لينڊ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ميڊيڪو ليگل آفيسر، پاڪستان انفراسٽرڪچر اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جا بيان قلمبند ڪيا* 20 فيبروري تي ڪميشن صحافي بابر سليم ۽ شهري دانش جا بيان قلمبند ڪيا* 23 فيبروري تي ڪميشن ايس ايس پي سٽي ۽ ايس ايس پي ٽريفڪ جا بيان ورتا، ساڳئي ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ، سئي گيس اختيارين، ميونسپل ڪمشنر ۽ ڊائريڪٽر سول ڊفينس جا بيان به قلمبند ڪيا* 25 فيبروري تي سانحي ۾ بچي ويل شهرين جنيد ۽ علي حيدر جا بيان قلمبند ڪيا ويا* 26 فيبروري تي سول ڊفينس جي ٽيڪنيڪل انسٽرڪٽر مرزا مرسلين جو بيان ورتو ويو* 3 مارچ تي صحافي بابر سليم جي بيان تي چيف فائر آفيسر جرح ڪئي، ساڳئي ڏينهن شهري دانش جي بيان تي ڊي جي ريسڪيو 1122 جرح ڪئي* 5 مارچ تي امدادي سرگرمين ۾ شامل ايڌي ۽ ڇيپا جي ڊرائيورن جا بيان قلمبند ڪيا ويا* 10 مارچ تي ڪي ايم سي جي فائر اينڊ ريسڪيو آفيسر محمد توفيق ۽ ٻين جا بيان قلمبند ڪيا ويا* 12 مارچ تي چيف فائر آفيسر مرزا مرسلين جي بيان تي جرح ٿي* 25 مارچ تي بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر ذاتي حيثيت ۾ ڪميشن آڏو پيش ٿيو * مختلف وقتن تي سرڪاري آفيسرن پڻ ڪميشن جي سوالنامن جا جواب جمع ڪرايا، ٻئي طرف ڪميشن جي سربراهه گل پلازا سانحي بابت سيل ٿيل جاچ رپورٽ قانون واري سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي, جسٽس آغا فيصل جو چوڻ هو ته سڀني ڌرين جي ڀرپور سهڪار سان جاچ مڪمل ٿي آهي، جاچ دوران ميڊيا پنهنجو بهتر رول ادا ڪيو، آئون ميڊيا جو ٿورائتو آهيان، هوڏانهن قانون واري سيڪريٽري چيو ته اها رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي ڪئي ويندي، ٻئي طرف سرڪاري ذريعن موجب گل پلازا بابت عدالتي جاچ رپورٽ عوام آڏو پڌرو ڪرڻ جو فيصلو سرڪار ڪندي.