گل پلازا سانحو: اڌورو رڪارڊ پيش ڪرڻ تان ڪميشن ناراض: روينيو کاتي پاران ملهت طلب     

  گل پلازا سانحو: اڌورو رڪارڊ پيش ڪرڻ تان ڪميشن ناراض: روينيو کاتي پاران ملهت طلب     

ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر خالد حيدر شاهه گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل عدالتي ڪميشن کي رڪارڊ پيش ڪري ڇڏيو, عدالتي ڪميشن نامڪمل رڪارڊ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سينيئر ميمبر کان 1947ع کان اڳ جو  شروعاتي رڪارڊ طلب ڪري ورتو، جنهن تي خالد حيدر شاهه مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي  ڪميشن پڇاڻو ڪندي چيو ته گل پلازا جي ايراضي روينيو توڙي ميونسپل رڪارڊ ۾ ڪهڙي حيثيت سان داخل هئي؟ ڇا گل پلازا جي ايراضي ميونسپل پراپرٽي، ليز هولڊر يا ڪنهن گرانٽ تحت ڏني وئي؟  ايراضي بابت منتقلي جي داخل ۽ نقشا ڇا ٿا ظاهر ڪن؟  ڪميشن چيو ته 1873ع ۾ ايراضي ڪراچي ميونسپلٽي ۽ 1884ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ٽرام وي لاءِ الاٽ ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو هو؟  جيڪڏهن ڪراچي ميونسپلٽي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني وچ ۾ ڪو معاهدو هو ته انهي جا نقل پيش ڪيا وڃن،  ڇا انهي ايراضي جو معاهدو ٽرام ويز ايڪٽ 1886 تحت ڪيو ويو هو؟ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1933 تحت انهي جي حيثيت ڪهڙي رهي؟  صوبائي حڪومت جا ان زمين تي ملڪيتي حق ڪهڙا آهن؟ ڪميشن پڇاڻو ڪندي چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ايراضي بابت دعوائن جي نوعيت ڪهڙي آهي؟  بورڊ آف روينيو انهي زمين بابت ڪو نوٽيفڪيشن گزٽ داخلا يا حڪم جاري ڪيو؟  ڪي ايم سي جي ملڪيتي دعوائن، واڌ يا ترديد ڪنهن نوٽيفڪيشن ذريعي ڪئي وئي؟ اها وضاحت به ڪئي وڃي ته موجوده حيثيت ۾ اها زمين صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهي؟ ٻڌايو وڃي ته گل پلازا جي ايراضي ڪي ايم سي وٽ بطور ٽرسٽ آهي يا مڪمل طور تي ميونسپل جي ملڪيت آهي؟ پاڪستان جي قيام کان اڳ انهي نوعيت جي ايراضين کي بمبئي لينڊ روينيو ڪوڊ 1879ع، گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1933 ۽ سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967 تحت ڪيئن ٽريٽ ڪيو ويندو آهي؟ بورڊ آف روينيو پاران ڪڏهن گل پلازا جي زمين جي استعمال جي اصلي گرانٽ شرطن مطابق آڊٽ يا جائزو ورتو؟ سمورا رڪارڊ پهرين اپريل تائين ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايا وڃن .