| گل پلازا سانحو: بلڊنگ ڪنٽرول، ڪي ايم سي ۽ دڪاندار يونين خلاف ڪارروائي جي سفارش |
ڪراچي( اسٽاف رپوٽر) گل پلازا سانحي بابت سنڌ حڪومت جي ڪميٽي جون سفارشون ملي ويون، ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ 15 ڏينهن ۾ عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت، دستاويزن موجب ڪيترن ئي ادارن جي آفيسرن خلاف محڪماتي ۽ قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته گل پلازا ڪيس ۾ ذميوار ايس بي سي اي آفيسرن، نظرثاني ٿيل نقشي جي منظوري ۽ عمارت ريگيولرائيز ڪندڙ آفيسرن، فائر سيفٽي سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته 2021ع فائر آڊٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جو تعين ڪيو وڃي،91ع ۾ گل پلازا جي ليز ۾ واڌ ۽ مسواڙ ۾ لاٿ جي منظوري جي به جاچ ڪرائي وڃي، ريسڪيو 1122 کي وڌيڪ بهتر بڻائي دير جو ڪارڻ بڻجندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، فائر برگيڊ ۾ خامين تي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، فائر برگيڊ جي خالي جاين تي فوري ڀرتي ڪري خصوصي تربيت ڏني وڃي، ماڙيپور فائر اسٽيشن کي فوري طور فعال ڪيو وڃي،گل پلازا مينجمينٽ ڪاميٽي کي سنڌ ڪنڊومينيم ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪرڻ ۽ گل پلازا ڪميٽي جي مالي معاملن جي جاچ ڪرڻ ، يونين جي صدر ۽ ذميوار ماڻهن خلاف فوجداري ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي