گل پلازا سانحو: تنوير پاستا سوڌو 5 يونين اڳواڻن ۽ ٻالڪ جي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت گل پلازا سانحي واري ڪيس ۾ نامزد واپاري يونين جي صدر تنوير پاستا سميت  جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت کين مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت وڪيل کان پڇيو ته نابالغ 11سالن جي حذيفه جي درخواست ساڳئي عدالت ۾ ڇو داخل ڪئي وئي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته سڀني جوابدارن خلاف ساڳئي ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ڪري درخواست پڻ ساڳئي عدالت ۾ داخل ڪئي وئي. عدالت پڇيو ته حذيفه جو ڪيس ۾ ڪهڙو ڪردار هو؟ جنهن تي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 72 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا پر پوليس اڌ صفحي ۾ سڄو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو،  ڪنهن به حڪومتي يا سول اداري کي ذميوار  قرار نه ڏنو.عدالت ريمارڪس ڏنا ته پوليس رعايت ڏيندي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو، جڏهن ته چارج شيٽ ٻه ڀيرا رد ٿيڻ  باوجود چالان ساڳين اعتراضن سان عدالت ۾ ٻيهر جمع ڪرايو ويو. واضح  رهي ته پوليس عبوري چالان ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته گل پلازا مارڪيٽ ۾ لڳل خوفناڪ باهه، ٻاهرين سازش جو نتيجو نه هئي ، دڪان مالڪ جي مجرمانه لاپرواهي ۽ سندس معصوم پٽ جي لاپرواهي سبب باهه لڳي هئي.پوليس عبوري چالان ۾ گل پلازا يونين جي صدر تنوير پاستا، نائب صدر عماد اسماعيل، جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان، جنرل سيڪريٽري محمد امين، دڪاندار نعمت الله ۽ سندس پٽ حذيفه کي نامزد ڪيو هو.