گل پلازا سانحو: عدالتي ڪميشن جي سفارشن تي عمل لاءِ 3 وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم    

  گل پلازا سانحو: عدالتي ڪميشن جي سفارشن تي عمل لاءِ 3 وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم    

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه گل پلازا  باهه  واقعي بابت جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ جو جائزو وٺي، سفارشن تي عمل لاءِ  3 وزيرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ورتي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو ته باهه لڳڻ جو واقعو 17 جنوري 2026 تي پيش آيو، جنهن کانپوءِ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ٽرمز آف ريفرنس (ٽي او آرز) جي منظوري ڏني. اهي ٽي او آرز سنڌ هاءِ ڪورٽ سان شيئر ڪيا ويا، 4 فيبروري 2026 تي ڪميشن آف انڪوائري جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميشن 16 فيبروري کان 25 مارچ دوران سائيٽ وزٽس ۽ ٻڌڻيون ڪيون.  7 اپريل تي پنهنجي رپورٽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي. رپورٽ موجب گل پلازا ۾ فائر فائٽنگ جو اثرائتو نظام، مناسب الارم، ڪميونيڪيشن سسٽم ۽ محفوظ نيڪالي جا انتظام  نه هئا. رپورٽ موجب  فائر برگيڊ کي اطلاع ڏيڻ ۾ دير ٿي، جڏهن ته ايمرجنسي رسپانس مقرر ڪيل معيار جي مقابلي ۾ تمام گهڻو سست رهيو. انڪوائري رپورٽ ۾ ڪيترن ئي اسٽيڪ هولڊرز کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير  مڪاني ادارن جي وزير ناصر شاهه، قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار  ۽ صنعت جي وزير ڄام اڪرام ڌاريجي  تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا پنهنجون سفارشون پيش ڪندي.