| گل پلازا سانحو: 33 شهيدن جي 23 مائٽن جا بيان قلمبند |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گل پلازا سانحي بابت جوڙيل جوڊيشل ڪميشن سانحي ۾ فوت ٿيلن 33 شهيدن جي 23 مائٽن جا بيان قلمند ڪري ورتا، ڪميشن جي سربراهه جسٽس آغا فيصل چيو انتظاميه 64 وارثن جي لسٽ فراهم ڪئي آهي، ڪميشن پاران متاثرن لاءِ سوالنامو تيار ڪيو ويو آهي، متاثرن کان گذارش آهي ته سوالنامو ڀري ڪميشن جي سيڪريٽريٽ يا ڊي سي سائوٿ جي آفيس ۾ جمع ڪرائين،، هن وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته توهان سڀ شهيدن جا وارث آهيو، اسان چاهيو ٿا ته ڪارروائي جي شروعات اوهان کان ڪئي وڃي، شهادتن تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، هن چيو ته مالي نقصان جو پورائو ٿي سگهي ٿو پر جاني نقصان جو ازالو ممڪن ناهي، هن چيو ته جاچ ٽريبونل جو مقصد مستقبل ۾ اهڙن واقعن ۽ جاني نقصان کان بچاءَ لاءِ موثر قدمن جي سفارش ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪيترن شهيدن جا وارث اڃا تائين پيش ناهن ٿيا، منهنجي خواهش آهي ته سڀئي متاثر خاندان پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائين، عوام، حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن سميت ريسڪيو ورڪرز کان به ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي ته جيئن سموري معلومات جي بنياد تي حتمي رپورٽ ۽ سفارشون تيار ڪري سگهجن.