گل پلازا سانحو: 66 مڙهه ٽڪرن جي صورت ۾ پهتا: دونهين سبب فوتگيون ٿيون: پوليس سرجن  

گل پلازا سانحو: 66 مڙهه ٽڪرن جي صورت ۾ پهتا: دونهين سبب فوتگيون ٿيون: پوليس سرجن  

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) گل پلازا سانحي جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن آڏو پوليس سرجن سوالن جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا، پوليس  سرجن موجب گل پلازا واقعي ۾ زخمي ٿيل 8 ماڻهن کي اسپتال آندو ويو هو، جڏهن ته باهه سبب فوت ٿيل 7 مڙهه وصول ڪيا، باقي 66 مڙهه ٽڪرن جي صورت ۾ آندا ويا، جيڪي مڪمل سڙيل هئا, گل پلازا ۾ اڪثر فوتگيون دونهين سبب ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيون، جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لاشن جا پوسٽم مارٽم ڊاڪٽر اسد ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار ڪيا هئا، پوسٽم مارٽم ڪندڙ ميڊيڪل آفيسر  پوسٽ مارٽم جي مڪمل اهليت ناهن رکندا، 18 جنوري تي 6 مڙهه آندا ويا, 19 جنوري تي 15 سڙيل جسماني  ٽڪرا پهچايا ويا، 20 جنوري تي 8 ۽ 21 جنوري تي 23 سڙيل جسماني ٽڪر آندا ويا, جڏهن ته 22 جنوري تي 16 سڙيل جسماني عضوا آندا ويا, ميڊيڪل آفيسرن جا تيار ڪيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل ادارن کي موڪليا ويا هئا،  انهن سرٽيفڪيٽن ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽس، زخمين ۽ متاثرن جي لسٽ شامل هئي۔