گل پلازا سانحي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ڪراچي تي 300 ارب خرچ پيا ڪريون: مراد شاهه 

گل پلازا سانحي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ڪراچي تي 300 ارب خرچ پيا ڪريون: مراد شاهه 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت گل پلازا سانحي جي متاثرن لاءِ 7 ارب رپين جي جامع مالي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي،  200 تصديق ٿيل متاثر واپارين ۾511.7 ملين رپين جا معاوضي وارا چيڪ ورهايا آهن، ڪراچي چيمبر جي تصديق کانپوءِ باقي دعويدارن کي معاوضو  ڏنو ويندو. وزيراعليٰ هائوس ۾ متاثر واپارين ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سان گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيل  72 شهرين جي خاندانن لاءِ هڪ ، هڪ ڪروڙ معاوضي جو اعلان ڪيو هو، 64 ڪيسن ۾ ادائگيون ٿي چڪيون آهن،4 ڪيس  تصديق جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته 4 ڪيس  قانوني وارثن جي مسئلن سبب التوا ھيٺ آهن. هن چيو ته اسان پلازا جي 849 متاثر دڪاندارن کي رمضان دوران فوري رليف طور 500000 رپيا في واپاري مدد طور ڏنا،هن  چيو ته صوبائي حڪومت گل پلازا متاثرن لاءِ 7 ارب رپين جي جامع مالي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي، هن چيو  ته ڪراچي چيمبر جي ڪاٿي موجب گل پلازا ۾ 1209 دڪان هئا، دڪاندارن کي معاوضي جي ادائگي انوينٽري جي نقصانن جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته  هر تصديق ٿيل متاثر کي معاوضو ملندو، ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.  ھن چيو ته گل پلازا  عدالتي ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد لاءِ ڪابينا ڪاميٽي جوڙي آهي جيڪا ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي.  رپورٽ جي روشني ۾ احتساب کي يقيني بڻايو ويندو. رپورٽ ۾ جنهن کي به ذميوار قرار ڏنو ويو آهي انهن کي ڪارروائي جو منهن ڏسڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو ته عدالتي ڪميشن جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ نتيجا انهن خدشن جي عڪاسي ڪن ٿا، جن جي نشاندهي حڪومت شروع کان ئي ڪئي هئي. صدر آصف زرداري پڻ پلازائن کي باهه لڳڻ  وارو معاملو چيني اختيارين آڏو کنيو هو، جنهن بعد هڪ چيني ڪمپني ٻه ڀيرا ڪراچي جو دورو ڪيو آهي، اسان  هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فائر فائٽنگ جو جامع منصوبو تيار ڪيو آهي. ھن چيو ته ماضي ۾ سروس ڊليوري جي مقابلي ۾ ترقي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو هو پر هاڻي حڪومت ٻنهي شين تي هڪ ئي وقت ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هن سال رڳو ڪراچي لاءِ 300 ارب رپين کان وڌيڪ جون ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن، جيتوڻيڪ شهر کي انهي کان وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته پراڻن شهري مسئلن کي صرف هڪ حڪومت سان ڳنڍي نٿو سگهجي، ڪيترائي مسئلا موجوده انتظاميه کان اڳ جا آهن. وڏي وزير چيو ته عظيم پورا فلاءِ اوور 90 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو، جڏهن ته پهلوان ڳوٺ روڊ، ناٿا خان ڳوٺ روڊ، شاهراهه فيصل کي گلشن سان ملائيندڙ روڊ ، نشتر روڊ، طوري بنگش روڊ، سهراب اختر روڊ، جهانگير روڊ، لياري ۾ مرزا آدم روڊ، قلندريه روڊ، ميٽروول روڊ، ايس آءِ يو ٽي  جي ويجهو مھرالنساءَ روڊ، چانڊ بي بي روڊ، صلاح الدين روڊ ۽ گل پلازا جي آس پاس روڊن جا ڪم جاري آهن. وڏي وزير چيو ته معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو، ھن چيو ته فيلڊ تصديق مان معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه شڪايتون تعميراتي نقصن بدران حددخلين خلاف آپريشنز دوران مزاحمت جو نتيجو هيون. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي تاريخي مارڪيٽن ايمپريس مارڪيٽ، لي مارڪيٽ، مڇي مياڻي مارڪيٽ، نرسري مارڪيٽ ۽ سولجر بازار مارڪيٽ جي بحالي تي ڪم هلي پيو هن اعلان ڪيو ته شاهراهه ڀٽو جو افتتاح مئي جي پهرين ڏهي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، جڏهن ته مرغي خانه پل ۽ مسجد عائشه کي شاهراهه ڀٽو سان ملائيندڙ روڊ پڻ جلد مڪمل ڪئي ويندي، وڏي وزير شاهراهه ڀٽو تي ترقياتي منصوبن ۽ امن امان بابت گمراهه ڪندڙ رپورٽنگ تي تنقيد ڪندي متوازن ڪوريج تي زور ڏنو.  هن چيو ته ميڊيا کي خامين جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي پر انهي کي ڪيل سٺن ڪمن کي به اجاگر ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوامي اعتماد مضبوط ٿئي.
 

ڪراچي ۾ يونيورسٽي  روڊ  نه ٺهڻ تي شرمسار ٿيندو آهيان: مراد شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مختلف جاين تي مون کان جڏهن سوال ڪيو ويندو آهي ته ڪراچي ۾ يونيورسٽي وارو روڊ ڇو نٿا ٺاهيو؟  تڏهن آئون شرمسار ٿيندو آهيان، هاڻي ته ميمز به ٺهي ويون  آهن ته هرمز کلي ويو آهي پر يونيورسٽي روڊ ناهي کليو، خبر ناهي،  شايد ڪنهن هتان جي ماڻهن جي ڳالهه ٻڌي ۽ هرمز ٻيهر بند ٿي ويو، هن چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪريون. هن چيو ته ڪٿي عوام ۾ وڃان ٿو، ڪٿي کاڌو کائڻ وڃان ٿو، هڪ ٻه ڀيرو جهاز ۾ ويهڻ مهل به ايئن ٿيو، ڪو نه ڪو اچي پڇي ٿو ته اوهان يونيورسٽي روڊ ڇو نٿا ٺاهيو؟ مراد شاهه چيو ته اسان ڪجهه قدم کڻي رهيا آهيون،  ماڻهن جي پريشانين کي جلد کان جلد ختم ڪنداسين.
 

هڪ چينل جي عهديدار زال جي بدلي تان ڦر جون غلط خبرون هلايون: مراد شاهه
 

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هڪ چينل خبر هلائي ته شاهراهه ڀٽو تان شهري کان 25 لک ڦر ڪيا ويا، گهرو وزير کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ڪا به ڦرلٽ ناهي ٿي، ڏيتي ليتي جو پراڻو معاملو هو، جيڪو حل به ٿي ويو. وڏي وزير چيو ته چينل جي عهديدار جي زال کي سنڌ حڪومت بدلي ڪيو هو، جنهن  ڪري 2، 3 دفعا ڦر جي خبر هلائي وئي.