گل پلازا سانحي جي متاثر واپارين کي پارڪنگ پلازا ۾ متبادل فراھم ڪريو: گورنر ٽسوري

ڪراچي:  سنڌ جي گورنر  ڪامران ٽسوري گل پلازا سانحي جي متاثر واپارين کي پارڪنگ پلازا ۾ متبادل فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي  چيو آهي ته انھن ماڻهن کي شرم اچڻ گھرجي جن گل پلازا سانحي جي متاثرين سان يڪجھتي جي اظهار لاءِ ويندڙن سان اڍنگو رويو رکي رڳو سوشل ميڊيا تي ڏسندڙن جو انگ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي  ڪالهه  گورنر هائوس ۾ واپارين   جي نمائندن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گل پلازا سانحو وڏو الميو آهي، پوائنٽ اسڪورنگ بدران متاثر واپارين جي مدد  ڪئي وڃي. هن چيو ته هو ميئر کي خط لکندو ته متاثر واپارين کي پارڪنگ پلازا ۾ عارضي طور تي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
 

ٻولي ٺيڪ ڪريو : ضيا لنجار جو متحده ايم پي اي تي طنز
 

ڪراچي: ضيا لنجار جو متحده ايم پي تي طنز :  معدنيات جا لائسنس رد ڪرڻ بابت متحده ايم پي اي محمد شبير جي ٺهراءُ تي گھرو وزير ضياالحسن لنجار طنز ڪندي چيو ته ٻولي ٺيڪ ڪريو يا چئو ته آئون لکي ڏيان. جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.