گل پلازا ڊاهڻ ۽  ٻيهر اڏاوت لاءِ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي پلان تيار ڪرڻ جو حڪم

گل پلازا ڊاهڻ ۽  ٻيهر اڏاوت لاءِ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي پلان تيار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم ۽ عرفان شاهه )سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه  ڪراچي ۾ باهه لڳڻ سبب رک جي ڍير ۾ تبديل ٿيل گل پلازا جي ٻيهر  تعمير لاءِ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾گل پلازا واقعي جي متاثر ٿيل خاندانن ۾ معاوضي جي ورڇ ۽ متاثر واپارين کي مالي مدد جي فراهمي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ڪمشنر حسن نقوي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت فوتين جي خاندانن کي معاوضي لاءِ 85 ڪروڙ رپيا رکيا هئا، ھر فوتي جي خاندان کي هڪ ڪروڙ ڏنا پيا وڃن، هن وقت تائين 72 مان 61 فوتين جي خاندانن کي معاوضي  جا چيڪ ڏنا ويا آهن،  هن چيو ته باقي 11ڪيس پروسيسنگ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. ٽن فوتين جي بيواهن جا شناختي ڪارڊ نادراوٽ آخري مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته 4ڪيسن ۾ فيملي جي بيانن ۾ فرق سبب وڌيڪ تصديق جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ پڇا ڳاڇا گهربل آهي پوليس رڪارڊ موجب 4 فوتين جا لاش اڻ سڃاتل آهن. متاثر واپارين جي مالي مدد بابت ٻڌايو ويو ته متاثر دڪاندارن جي مدد لاءِ 60 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي  ڊيٽا آڌار 843 دڪاندارن کي 5، 5 لک ڏنا ويا آهن اجلاس کي واپارين ۽ دڪانن جي انگ ۾ فرق بابت ٻڌايو ويو ته اڳ ۾ 1184 دڪان ٻڌايا ويا، جڏهن ته  ڪراچي چيمبر 1209 دڪان ظاهر ڪيا آهن، ڪجهه واپارين جا وري هڪ کان وڌيڪ دڪان آهن، اجلاس ۾  وڏي وزير هدايت ڪئي ته تصديق جي عمل کي تيز ڪري سمورن حقيقي حقدارن کي بنا دير معاوضو ادا ڪيو وڃي. هڪ کان وڌيڪ دڪانن جي مالڪي واري معاملي تي وڏي وزير ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته مالي مدد في دڪان يا في فرد جي بنياد تي ڏني وڃي. وزيراعليٰ گل پلازا جي ٻيهر تعمير بابت ايس بي سي اي جي ڊي جي مزمل هاليپوٽو کي تفصيلي پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پلازا تي ڪم جلد شروع ٿئي. هن ڪمشنر ڪراچي کي عدالتي ڪميشن کي آگاهه ڪرڻ کانپوءِ مارڪيٽ کي ڊاهڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن تعميراتي ڪم اڳتي وڌي سگهي.
 

گل پلازا جو پلاٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي: روينيو کاتو

ڪراچي: گل پلازا سانحي بابت جوڙيل عدالتي جاچ ڪميشن ۾ بورڊ آف روينيو پلازا جي زمين جي رڪارڊ ۽ ملڪيت بابت تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو, سينيئر ميمبر خالد حيدر شاھ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رجسٽرار، ڪي ايم سي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (لينڊ) ۽ مختيارڪار صدر کان حاصل ڪيل رڪارڊ موجب گل پلازا جو پلاٽ اصل ۾صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهي، ڪي ايم سي کي انهي ايراضي تي محدود انتظامي ۽ مالي اختيار حاصل هئا، سينيئر ميمبر وڌيڪ چيو ويو آهي ته گل پلازا جي پلاٽ نمبر پي آر ون 32 جي ايراضي 8128 چورس والن تي ٻڌل آهي، گل پلازا جي ايراضي شروعات ۾ ڪراچي ميونسپلٽي جي ملڪيت طور رڪارڊ ۾ شامل هئي، 1936 ۾ معاهدي تحت اها ايراضي ايسٽ انڊيا ٽرام وي ڪمپني کي 99 سالن جي ليز تي ڏني وئي هئي، اهو معاهدو 9 جولاءِ 1884 کان شروع ٿيو، 1950 ۾ اها ايراضي نجي ماڻهن جي نالن تي منتقل ٿي، 1976 ۾ وري سڀئي حصا انور علي جي نالي تي منتقل ٿيا، 1983 ۾ ميسرز جينيڪا لميٽيڊ اهو پلاٽ خريد ڪيو، رپورٽ موجب 1873ع  ۾ بمبئي حڪومت جي روينيو ڊپارٽمينٽ جي قرارداد نمبر 6072 تحت اها زمين ڪراچي ميونسپلٽي کي منتقل ڪئي وئي هئي، ڪراچي ميونسپلٽي ۽ ايسٽ انڊيا ٽرام وي ڪمپني وچ ۾ 1936 جي معاهدي کانسواءِ ٻيو ڪو به معاهدو رڪارڊ ۾ موجود ناهي، معاهدي کي ٽرام ويز ايڪٽ 1886 يا ڪنهن ٻي قانون تحت منظوري يا واڌ ٿيل هجڻ جو ڪو به رڪارڊ نه مليو، سينيئر ميمبر موجب 1950 جي دستاويزن موجب ايسٽ انڊيا ٽرام وي ڪمپني برطانوي قانونن تحت لنڊن ۾ رجسٽرڊ هئي، سٽي آف ڪراچي ميونسپل ايڪٽ 1933 ۾ ٽرام وي سان لاڳاپيل قانونن کي تحفظ حاصل هو، ڄاڻايل زمين صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهي، ميونسپلٽي کي صرف ليز ڏيڻ ۽ ٽيڪس وصولي جهڙا محدود اختيار حاصل هئا، ڪي ايم سي جي ملڪيت واري دعويٰ جي تصديق يا ترديد بابت ڪو به رڪارڊ موجود ناهي، رپورٽ موجب 1873ع ۾ اها ايراضي قرارداد تحت ڏني وئي، بعد ۾ بمبئي لينڊ روينيو ڪوڊ 1879ع ۽ ٻين قانونن تحت اهڙين ليزن کي ريگيوليٽ ڪيو ويو گل پلازا جي زمين جي استعمال بابت اصل شرطن جي پيروي جو ڪو به آڊٽ يا جائزو رڪارڊ تي موجود ناهي.
 

گل پلازا جي زمين جي حيثيت ۾ ڪا  تبديلي ناهي ڪئي: ميونسپل ڪمشنر پاران رپورٽ  پيش 
 

ڪراچي: ڪي ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر گل پلازا جي زمين جي حيثيت ۾ تبديلي بابت عدالتي جاچ ڪميشن وٽ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، ڊائريڪٽر لينڊ جي رڪارڊ موجب جڏهن کان اها زمين ڪي ايم سي جي ڪنٽرول ۾ آئي آهي، انهي جي حيثيت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لينڊ ڊپارٽمينٽ جي رڪارڊ جو جائزو وٺي انهي ئي بنياد تي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، ميونسپل ڪمشنر چيو  ته پلاٽ بابت ڪنهن ٻي قانوني ڪارروائي تي ڪو به اثر نه پوندو