گل پلازا کي باهه ڪيئن لڳي؟ عدالتي ڪميشن پاران معائنو  

گل پلازا کي باهه ڪيئن لڳي؟ عدالتي ڪميشن پاران معائنو  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آغا فيصل ٽي ٻڌل عدالتي ڪميشن گل پلازا جو دورو ڪيو, ان موقعي تي ڊي سي ڏکڻ جاويد نبي کوسو,چيف فائر آفيسر همايون خان ۽ ايس ايس پي سٽي عارف عزيز به موجود هئا،   جوڊيشل ڪميشن گل پلازا جي اندروني حصي جو معائنو ڪيو، ڪميشن گل پلازا جي ملبي جي ڍير جو به جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊي سي ڏکڻ ۽ چيف فائر آفيسر عدالتي ڪميشن کي پلازا کي لڳل باهه ۽  ريسڪيو واري ڪم  بابت  بريفنگ ڏني