| گل ۽ ڪتاب جي چوري جائز آهي: سردار شاهه |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم واري وزير سردار شاھه چيو آهي ته گل ۽ ڪتاب جي چوري جائز آهي، ويس مٽائي ڪتابي ميلي ۾ڪتاب ڳوليندو آهيان،هتي ميلي ۾ سرڪاري ڪم سان گڏ دل جي سڪ لاءِ به اچڻ ٿيندو آهي، آئون وزيرِ تعليم سان گڏ زيرِ تعليم به آهيان، ايڪسپو سينٽر ۾ عالمي ڪتابي ميلي جو افتحاح ڪندي هن چيو ته ڪتابي ميلي ۾ اچڻ منهنجي لاءِ وڏي خوشي هوندي آهي، سڄو سال ڪتابي ميلي جو انتظار رهندو آهي. هن چيو ته سنڌو ماٿري ۽ موهن جي دڙي جي ڪتابن تي تحقيق اڃا مڪمل ناهي ٿي، اسان اڃا تائين قديم ڪتابن تي مڪمل تحقيق ناهيون ڪري سگهيا. ڪتابي ورثي جي حفاظت ۾ چين ۽ جاپان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن،هن چيو ته اي آءِ واري دور ۾ ٻارن جون صلاحيتون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، اي آءِ انساني تخليق سان گڏ آهي پر تعليم جو متبادل نٿي بڻجي سگهي. دنيا جو بهترين تعليمي نظام سوئيڊن ۾ آزمايو ويو، جتي ٽيبلٽ ذريعي تعليم سبب ٻارن جي نظر ۽ ذهني صلاحيتون متاثر ٿيون، 2024ع ۾ سوئيڊن ٻيهر ڪتابي تعليم کي بحال ڪيو. هن چيو ته انساني تخليق ۽ ڪتاب سان لاڳاپو مضبوط رکڻ جي ضرورت آهي، ڪتابي ميلي ۾329 ڪتابن جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن، اهو ميلو 22 ڊسمبر تائين جاري رهندو.