| گمبٽ ويجهو مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڄڻو هاف فراءِ |
گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ پوليس اڳڙا لنڪ روڊ تي ڏوهارين سان مبينا مقابلو ڪري هڪ ڏوهاري سليم چوهاڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، زخمي ڏوهاري اسپتال منتقل ڪيو ويو. گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڳڙا روڊ تي پوليس معمول موجب گشت ڪري رهي هئي ته اچانڪ ڏوهارين پوليس تي فائرنگ ڪئي آهي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري سليم چوهاڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي زخمي جو علاج هلندڙ آهي. زخمي ڏوهاري جو مختلف ٿاڻن تان رڪارڊ ورتو پيو وڃي.