گمبٽ ويجھو راند کيڏندڙ معصوم ٻالڪ کي ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو

گمبٽ ويجھو راند کيڏندڙ معصوم ٻالڪ کي ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان يوسي جاود واهڻ جي ڳوٺ فتح محمد حطار ۾ گھر ٻاهران راند ڪندي 5 سالن جي نينگر محمد سمير حطار کي رولو ۽ ڇتن ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو، نينگر جو مڙهه گھر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، گھر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، ان حوالي سان  نينگر جي والد محمد سليم حطار ٻڌايو ته منهنجو 5 سالن جو معصوم پٽ گھر ٻاهران راند کيڏي رهيو هو ته رولو ۽ ڇتن ڪتن حملو ڪري چڪي زخمي ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي علاج لاءِ گمس سٽي اسپتال جي ٽراما سينٽر کڻي پهتاسين ته ڪجھه دير بعد ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نينگر جي والد جو چوڻ هو ته يوسي جادو واهڻ ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. گھرن ٻاهران يا سڪول ويندي ٻارڙن، نوجوانن توڙي پوڙهن کي ڪتا ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏين ٿا. يوسي سميت تعلقي انتظاميا ڪتا مار مهم هلائڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علائقي ۾ ڪتا مار مهم هلائي وڃي.