گمبٽ ويجھو ٻن شاخن کي ڌار ڌار گهارا، فصل ٻڏي ويا

گمبٽ ويجھو ٻن شاخن کي ڌار ڌار گهارا، فصل ٻڏي ويا

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان پنج نمبر شاخ ۽ هميرجي شاخ کي ڌار ڌار گهارا پئجي ويا، ٻه قبرستان، ڳوٺ، فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا بند ڪيا، ان حوالي سان ڳوٺاڻن نورمحمد، عرفان علي، فقير روشن علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پنج نمبر شاخ ۽ هميرجي شاخ ۾ آبادگارن کي پاڻي جي ضرورت نه آهي پر آبپاشي عملو زبردستي شاخن ۾ پاڻي ڇڏي رهيو آهي. پنج نمبر شاخ کي 50 فٽ گهارو لڳڻ سبب ٻه قبرستان پير ميان علي، پير حاجي اسماعيل شاهه، سميت ناريجا ڳوٺ، ڪوري وليج سميت ڪڻڪ ، بصر، پالڪ، ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. جڏهن ته هميرجي شاخ کي جادو واهڻ ڀرسان گهارو پئجي ويو جنهن جي ڪري ڳوٺ، ڪڻڪ، ڪمند، بصر سميت ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گھارا بند ڪيا.