گمبٽ ويجھو ڦرلٽ بعد نوجوان مبينا طور اغوا

گمبٽ ويجھو ڦرلٽ بعد نوجوان مبينا طور اغوا

گمبٽ/راضيديرو (نمائندن وٽان) گمبٽ ۾ اغوا ٿيل نديم عباسي جي بازيابي ۽  ڦر واقعي خلاف ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پيرجو ڳوٺ کان واپس مبارڪلهوڙو اچي رهيا هئاسين ته هٿياربندن ڳوٺ ڪمالديرو ڀرسان روڪي موٽرسائيڪل ۽ 3 لک روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ نوجوان نديم عباسي کي اغوا ڪري ويا آهن. جنهن جو اطلاع بروقت بهارو پوليس کي ڏنو پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. نوجوان جي اغوا جو ڪيس داخل ناهي ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.