گمبٽ: پٽ هٿان ماءُ قتل
جُون 15, 2025
گمبٽ (پنهنجي ڊيسڪ)گمبٽ ۾ پٽ پنهنجي ماءُ کي ماني دير ڏيڻ تي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس عورت جي لاش کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب گمبٽ ۾ بهارو پوليس اسٽيشن جي حد ۾ واقع ٽاگرو ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان پنهنجي ماءُ کي ماني ۾ دير ڪرڻ تي گولي هڻي ڇڏي.
65 سالن جي زرينا پنهور موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.