گمبٽ ۾گهر تي حملو، نوجوان قتل
جُون 9, 2025
گمبٽ) پنهنجي ڊيسڪ) گمبٽ ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ، نوجوان قتل گمبٽ ۾هٿياربندن پراڻي تڪرار تان خادم مري جي گهر تي حملو ڪندي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾سندس پٽ گل حسن مري مارجي ويو، گوليون لڳڻ سبب مقتول جو 9 سالا پٽ ساجد علي ۽ 7 ورهين جي مائرا ۽ 25 سالا راشده سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، زخمين کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌائي پئي وڃي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون .