| گمبٽ ۾ اغوا ڄاڻايل نينگري هٿ، والدين حوالي |
گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ جي فاروقي پاڙي مان مبينا طور اغوا ٿيل نينگري پياري گوپانگ کي پوليس علي پمپ ڀرسان بازياب ڪرائي ورتو، نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان پوليس چيو ته نينگري پياري گوپانگ کي ٻه ڏينهن اڳ گمبٽ جي فاروقي پاڙي مان جوابدار رفيق مگسي ۽ ٻيا هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا. نينگري جو اغوا جو سندس امڙ مسرت خاتون گوپانگ جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل هو. جوابدار نينگري کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ڳجهي اطلاع تي پهچي ڪارروائي ڪندي نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نينگري عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته مان رستو ڀلجي مائٽن ڏانهن هلي وئي هيس ڪنهن به اغوا نه ڪيو هو.