| گمبٽ ۾ افسوسناڪ حادثو: ويگو جي ٽڪر ۾ زال، مڙس ٻن ٻارن سميت 5 گهرڀاتي فوت |
گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ قومي شاهراهه تي افسوسناڪ واقعو، تيز رفتار ويگو جو موٽرسائيڪل سوارن سان ٽڪر، هڪ ئي گھر جا 5 ڀاتي فوت، ڪهرام، لاش گهر پهچائڻ تي گهرڀاتين کي بيهوشي جا دورا، ان ڏس ۾ حادثي ۾ فوت ٿي ويل 5 گهرڀاتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمي ٿيل نينگر جو علاج هلندڙ آهي، پوليس موجب جوڳي برادري جي هڪ ئي گھر جا پنج ڀاتي نوجوان سڪندر جوڳي، سندس گھرواري روزينا خاتون، نينگر قدير جوڳي، نينگري دعا بتول ۽ نوجوان فدا حسين ٿڏي تي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته نينگر وسيم جوڳي زخمي آهي. جنهن جو گمس اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوڳي برادري جا ماڻهو ڪراچي کان آيل هئا، جيڪي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي پنهنجي ڳوٺ پپري وڃي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل کي ويگو زوردار ٽڪر هنيو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گھر جا پنج ڀاتي فوت ويا آهن ۽ نينگر زخمي آهي. فوتين جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. ٻي طرف 5 گهرڀاتين جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، گهرڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. پوليس مطابق ويگو کي پنهنجي حراست ۾ وٺي، ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.