گمبٽ ۾ صحافي جو نوجوان پٽ فوت، مخالفن تي مارڻ جو الزام

مارچ 26, 2025

گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ جي سينيئر صحافي حاڪم ڀٽي جو نوجوان پٽ پارس ڀٽي پراسرار نموني فوت ٿي ويو، وارثن پنهنجي ئي برادري جي مخالفن تي گهر تي حملي ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، ان سلسلي ۾ صحافي حاڪم ڀٽي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڪراچي ڪم سانگي ويل هيس، گهر تي پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن حملو ڪري گهر ڀاتين ۽ منهنجي نوجوان پٽ پارس ڀٽي سان جهيڙو ڪيو، جنهن سبب نوجوان فوت ٿي ويو آهي، پوليس کي جوابدارن جا نالا ٻڌايا آهن، پوليس هن وقت تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد وارثن کي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏنو پر وارثن پوسٽ مارٽم نه ڪرايو، وارث آيا ته وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

 

Leave A Comment