| گمبٽ ۾ مبينا پوليس مقابلو: هڪ ڄڻو هاف فراءِ |
گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ دستگير گيٽ وٽ پوليس ڏوھارين سان مبينا مقابلو ڪري هڪ ڏوهاري آفتاب ڦلپوٽو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق ڏوهاري ڏوھ جي ارادي سان دستگير گيٽ وٽ بيٺل هئا ته پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو ٿي پيو ،هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي ٻه ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. گرفتار ڏوهاري جو مختلف ٿاڻن تان ڪرمنل رڪارڊ ورتو پيو وڃي.