گمبٽ ۾ معصوم ٻارڙي کي منڪي پاڪس جو شڪ

گمبٽ ۾ معصوم ٻارڙي کي منڪي پاڪس جو شڪ

گمبٽ (ن پ ا) ضلعي خيرپور ۾ مونڪي پاڪس جو شڪي مريض کي گمبٽ گمس سٽي اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ قائم آئيسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو. علاج هلندڙ آهي. اي سي گمبٽ ۽ ڊي ايڇ او خيرپور پهچي وارڊ جو دورو ڪيو ۽ احتياتي ايسوپيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او برڪت ڪانهر ٻڌايو ته ضلعي خيرپور ۾ مونڪي پاڪس جا ڪجھه شڪي ڪيس ظاهر ٿيا آهن. گمبٽ سميت ٻين هنڌن تي آئيسوليشن وارڊ تيار آهن. گمبٽ ۾ 15 بيڊن تي آئيوليشن وارڊ تيار ڪيو ويو آهي. گمبٽ جي اسپتال ۾ خيرپور واسي ٻارڙو فيضان علي سومرو کي مونڪي پاڪس جو شڪي مريض هئڻ ڪري داخل ڪري علاج ڏنو پيو وڃي. ٻارڙي جي مونڪي پاڪس ٽيسٽ لاءِ جزا وٺي ليبارٽري موڪليا آهن. ٽيسٽ اچڻ کان پوءِ ڄاڻ ڏئي سگھون ٿا ته ٻارڙي کي مونڪي پاڪس آهي يا نه گمبٽ سميت ضلعي خيرپور ۾ ٽيسٽ جي سهولت موجود نه آهي. حڪومت کي لکي رهيا آهيون ته مونڪي پاڪس جي ٽيسٽ لاءِ گمس ۾ مشينري ۽ اسٽاف مقرر ڪيو وڃي.