| گمبٽ ۾ واپاري کان 50 لک ڀتو طلب، مارڻ جي ڌمڪي |
گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ جي واپاري لطيف عباسي کان ڏوهاري پاران مبينا ڀتي جي گهر، نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽن ۽ پاڻ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي، آڊيو وائيس ڪال ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي، ان حوالي سان واپاري لطيف عباسي ٻڌايو ته ڏوهارين فون ڪري 50 لک ڀتو گھريو آهي. ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. گمبٽ جا واپاري ڏوهارين جي ريڊار تي آهن. اهڙي آڊيو وائيس ڪال ۽ نمبر حد پوليس کي ڏنو آهي. ڏوهاري مان جاني مالي نقصان جو خطرو آهي. پوليس تحفظ فراهم ڪري ڏوهاري خلاف سخت ڪارروائي ڪري سڪون سان ڪاروبار ڪرڻ ڏنو وڃي. هوڏانهن گمبٽ پوليس ٻڌايو ته ڏوهارين خلاف ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويندو، ڪنهن به ڏوهاري کي شهري کان ڀتو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.