گمبٽ ۾ ڪلهوڙا- جتوئي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي

ڊسمبر 19, 2023

گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ۾ ڪلهوڙا-جتوئي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، نوجوان قتل ٿي ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

لانڍيون ٿاڻي جي حد ۾ ڪلهوڙا- جتوئي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿي پيو

ڳوٺ آچر جتوئي ۾ پراڻي تڪرار تان  فائرنگ ۾ 40 ورهين جو يونس جتوئي قتل ۽ آغا زخمي ٿي پيو

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

Leave A Comment