| گمراهه ڪندڙ اشتهار: سلمان خان قانوني مسئلن ۾ ڦاسي پيو، نوٽيس جاري |
ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان هڪ دفعو ٻيهر قانوني مسئلن ۾ ڦاسي پيو، مٿس گمراھ ڪندڙ پان مصالحي ڪرڻ جا اشتهار ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، جنهن تي ڪوٽا ڪنزومر ڪورٽ اداڪار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.هي درخواست بي جي پي جي سينئر اڳواڻ ۽ راجسٿان هاءِ ڪورٽ جي وڪيل اندرموهن سنگهه هني طرفان داخل ڪئي وئي. هن موقف اختيار ڪيو ته سلمان خان ۽ پان مصالحي واري ڪمپني صارفين کي غلط ڄاڻ ڏئي گمراهه ڪري رهيا آهن. درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته راجشري پان مصالحه پنهنجي اشتھارن ۾ اها دعويٰ ڪري ٿي ته ان جو پراڊڪٽ زعفران مليل فوٽن ۽ زعفران مليل پان مصالحن تي مشتمل آهي، پر حقيقت ۾ اها دعويٰ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته زعفران جي قيمت لڳ ڀڳ 4 لک رپيا في ڪلوگرام آهي ۽ اهڙيون شيون انهن شين ۾ شامل نٿيون ٿي سگهن جيڪي صرف 5 رپين ۾ وڪرو ٿئي، اندرموہن سنگهه هني الزام لڳايو ته اهڙا اشتھار ڏسي نوجوان پان مصالحا استعمال ڪن ٿا. جيڪو وات جي ڪينسر جو هڪ وڏو بڻجي سگهي ٿو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو، “سلمان خان لکين ماڻهن لاءِ رول ماڊل آهن، اسان ان جي خلاف ڪوٽا ڪنزومر ڪورٽ ۾ شڪايت داخل ڪئي آهي ۽ عدالت ان تي ٻڌڻي لاءِ کيس نوٽيس جاري ڪيو آهي. ٻين ملڪن ۾ مشهور شخصيتون ڪولڊ ڊرنڪ جهڙين شين کي به نٿيون ڏين، پر هتي اسان جا فلمي ستارا تماڪ ۽ پان مصالحن جهڙين نقصانڪار شين جا برانڊ ايمبيسڊر بڻجي وڃن ٿا، مان انهن کي اپيل ڪيان ٿو ته نوجوانن کي غلط پيغام نه ڏين.” عدالتي رڪارڊ مطابق، ڪوٽا ڪنزومر ڪورٽ سلمان خان کي نوٽيس جاري ڪندي باضابطه طور تي جواب گهري ورتو آهي، ڪيس 27 نومبر تي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو