| گمس اسپتال مان عورت کي مبينا نيڪالي، روڊ تي ٻار کي جنم ڏنو |
گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ گمس سٽي اسپتال جي گائني سينٽر ۾ ڊاڪٽرياڻين جي مبينا لاپرواهي سبب عورت ٻارڙي کي روڊ تي جنم ڏنو، ان حوالي سان عورت جي وارثن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڊاڪٽرياڻي مبينا غفلت ڪندي عورت نرملا ماڙيچو جي ڊليوري نه ڪرائي ۽ وارڊ مان ڪڍي ڇڏيو. گهر وڃي رهيا هئاسين ته عورت ڊگري ڪاليج سامهون روڊ تي ٻارڙي کي جنم ڏنو. ڊاڪٽرياڻي خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن اي ايم ايس گمس ڊاڪٽر ڪرامت ٿيٻو ٻڌايو ته ڊاڪٽرياڻي تي الزام ڪوڙو آهي، عورت جا وارث کيس مرضي سان پرائيويٽ ڪلينڪ تي کڻائي وڃي رهيا هئا. وڌيڪ اهڙي معاملي بابت جاچ ڪئي ويندي. جيڪڏهن عملي يا ڊاڪٽرياڻي جي غفلت هوندي ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.