گمس ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نوجوان فوت: احتجاج: ڊاڪٽر ۽ اسٽاف نرس معطل

گمس ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نوجوان فوت: احتجاج: ڊاڪٽر ۽ اسٽاف نرس معطل

گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ گمس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي مبينا لاپرواهي ۽ غلط علاج سبب ٺري ميرواھ واسي نوجوان تراب علي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي وارثن پاران لاش سينٽر ٻاهران رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڊائريڪٽر گمس نوجوان جي فوتگي جو نوٽيس ورتو، ڊاڪٽر ۽ ميل نرس اسٽاف معطل ڪيو ويو، ٽن ڊاڪٽرس تي مشتمل ٽي رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. ان حوالي سان فوتي نوجوان جي وارثن مظهر علي ابڙو، شعيب احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان کي جهٽڪا ٿيا، جنهن سبب کيس اسپتال کڻائي آياسين، جتي ڊاڪٽرن بداخلاقي ڪئي،ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف غلط علاج ڪيو جنهن سبب نوجوان فوت ٿي ويو، هنن الزام لڳايو ته غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو آهي، هوڏانهن ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر نذير کوکر، اسٽاف علي شاهد ڪلهوڙو کي معطل ڪري ڇڏيو، ٽن سينيئر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر ابرار علي شيخ، ڊاڪٽر سجاد ڀٽي، ڊاڪٽر مير مشتاق ٽالپر جي جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي. جيڪا جاچ ڪري 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي.