گمس ۾ ڄاڙي جو ڪامياب آپريشن: ڊاڪٽرن رسولي ڪڍي ورتي

گمس ۾ ڄاڙي جو ڪامياب آپريشن: ڊاڪٽرن رسولي ڪڍي ورتي

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز گمس ۾ ڊاڪٽر محسن ممتاز 22 سالن جي لاڙڪاڻي واسي هڪ مريض شعيب علي جي ڄاڙي جي هڏي مان انتهائي ڏکئي رسولي ڪڍي ڪامياب آپريشن ڪري ورتو آهي، لاڙڪاڻي واسي نوجوان شعيب علي جي طبيعت بهتر آهي، علاج هلندڙ آهي. ڊاڪٽر ان سلسلي ۾ ميڪسيلوفيڪل سرجن ڊاڪٽر محسن ممتاز ٻڌايو ته لاڙڪاڻي واسي نوجوان شعيب علي کي جبڙي جي هڏي ۾ هڪ وڏي رسولي هئي. جنهن جي او پي ڊي بعد کيس جي جبڙي جو ڏکيو آپريشن ڪري رسولي ڪڍي وئي آهي. رسولي سبب نوجوان کي تڪليف هوندي هئي ۽ رسولي سبب سڄي منهن تي سوج نما محسوس ٿيندو هو. جنهن جو گمس جي ڊاڪٽر محسن ممتاز ٽيم سان گڏ ڪامياب آپريشن ڪيو آهي. گمبٽ گمس اسپتال ۾ نوجوان جو فري ۾ آپريشن ڪيو ويو آهي، مريض جي طبيعت بهتر آهي وڌيڪ علاج هلندڙ آهي.