گمڀير جي نوڪري کي خطرو: نئين ٽيسٽ ڪوچ جي ڳولا؟

گمڀير جي نوڪري کي خطرو: نئين ٽيسٽ ڪوچ جي ڳولا؟

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ) ٽيم جي ڪوچ گوتم گمڀير کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچنگ تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارتي ٽيم جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪاڪردگي تسلي بخش نه هئڻ سبب ڪوچ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گوتم گمڀير کان ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچنگ واپس ورتي ويندي ۽ وي وي ايس لڪشمڻ سان رابطو ڪيو ويو آهي. بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا جو چوڻ آهي ته گوتم گمڀير بابت رڳو افواهه آهن، بي سي سي آءِ ۾ ڪوچ کي هٽائڻ بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن ٻئي کي ڪوچ مقرر ڪرڻ بابت خبرون رڳو افواهه آهن جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي ناهي.