ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران گم ٿيل نوجوان کي پوليس مقابلي ۾ گوليون ھڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
گم ٿيل نوجوان محمد علي جي والد چيو ته پٽ کي پوليس نارٿ ڪراچي واري گھر مان کنڀي وئي،ٽن ڏينهن تائين پٽ جو انتظار ڪندو رهيس
12 مئي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽ جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪئي ٻئي ڏينهن ملير ڪورٽ جي پويان پوليس مقابلو ڏيکاريو ويو، ڪوڙي مقابلي ۾ پٽ کي ڄنگهه ۾ گوليون لڳيون ۽ هڏي ڀڄي پئي
ايڊووڪيٽ محمد ادريس چيو ته اهڙي طرح ڪراچي جي عوام کي وائکو ڪيو ويندو پوليس جعلي مقابلي ۾ 17 گوليون هلايون جڏهن ته عدالت جاچ آفيسر کي شفاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو