گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل
جُون 14, 2025
شهدادڪوٽ ( پنهجي ڊيسڪ )بلوچستان جي علائقي گنداخا ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل، گنداخا ويجهو پراڻي دشمني تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، باغ ٽيل ڪالوني ۾ هٿياربندن عبدالخالق جماليءَ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ليويز اهلڪار ڄاڻايل هنڌ تي پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.