اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موجوده وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ ڪابينا ميمبرن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
ذريعن موجب اڳوڻي وفاقي وزيرن مراد سعيد، پرويز خٽڪ، شفقت محمود، غلام سرور، اعجاز شاهه، خسرو بختيار، اعظم سواتي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو
اسد عمر، عمر ايوب، محبوب سلطان، فواد چوڌري، فروغ نسيم، شيرين مزاري جا نالا به ڪڍيا ويا، وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور جو نالو به اي سي ايل مان ڪڍيو ويو
ذريعن موجب وفاقي حڪومت نيب جي سفارش تي نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني