گنڊاپور پاران ڪنڊي کي ٻيهر گورنر هائوس مان ڪڍڻ جي ڌمڪي

جُون 5, 2024

پشاور(پنهنجي ڊيسڪ)ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ٻيهر فيصل ڪريم ڪنڊي کي گورنر هائوس مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

علي امين گنڊاپور چيو ته گورنر ڪي پي 9 مئي تي ڳالهائڻ بند ڪري، هڪ سسٽم جي ڪري کيس برداشت ڪري رهيو آهيان

هن ڌمڪي ڏيندي چيو ته فيصل ڪريم ڪنڊي بيان بازي بند نه ڪئي ته کيس گورنر هائوس مان ٻاهر ڪڍي روڊ تي بيهاري ڇڏيندس، سندس گاڏي جو پيٽرول به بند ڪري ڇڏيندس

علي امين گنڊا پور چيو ته  وفاق کي ڪي پي جي منصوبن تي ڪٽوتي ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان کي حصي جي رقم نه ملي ته سخت قدم کنيو ويندو

Leave A Comment