| گهاري ويجهو ٽرالر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، پيءُ مرڻينگ |
گھارو (ن پ ا) گھارو لڳ مرحبا هوٽل سامهون ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، موٽر سائيڪل سوار هڪ ڄڻو موقعي تي فوت ٿي ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جنهن کي رورل هيلٿ گهارو آندو ويو، موٽر سائيڪل سوار پيءُ پٽ هئا حادثي ۾ 20 سالن جو پٽ صاحبڏنو جوکيو فوت ٿي ويو ۽ سندس والد گل محمد جوکيو زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال گهارو ۾ طبي امداد ڏني وئي ، موٽر سائيڪل سوار ڌاٻيجي لڳ ابراهيم ڳوٺ جو رهواسي هئا، گهارو پوليس ڊرائيور کي ڊمپر سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو