| گهاري ويجهو 50 لک جو ڌاڙو، گهرڀاتي يرغمال، مزاحمت تي ڌمڪيون |
گھارو(ن پ ا) گهارو ويجهو فلٽر پلانٽ، زيبيسٽ انسٽيٽيوٽ ڀرسان اڳوڻي ڪائونسلر حسن علي لاشاري جي بنگلي ۾ ڪالهه صبح 5 وڳي ست هٿياربندن ڄاري وارو گرل ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿي 50 لک رپين جو ڌاڙو هڻي آرام سان فرار ٿي ويا.جوابدار هر ڪمري ۾ ستل گهرڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي. متاثر حسن علي لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته جڏهن هن مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن کيس پسٽل رکي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته جيڪڏهن مزاحمت ڪئي ته گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏينداسين، جنهن سبب هو ماٺ ڪري ويهي رهيا. جنهن کان پوءِ جوابدارن گهر مان 50 لک رپين جي نقد رقم، چار موبائل فون، سونا زيور ۽ لائسنس وارو پسٽل کڻي فرار ٿي ويا.متاثر اڳوڻي ڪائونسلر ايس ايس پي ٺٽو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو سخت نوٽيس وٺي چوري ٿيل رقم، موبائل فون، سونا زيور ۽ لائسنس وارو پسٽل واپس ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي ڊي ايس پي ميرپورساڪرو قادر بخش خاصخيلي جاءِ واردات تي پھچي تفصيل ورتا، ان موقعي تي ڪرائيم سين يونٽ پڻ واردات واري بنگلي جو جائزو ورتو پر فنگر پرنٽ نه ملي سگھيا.