ڇاڇرو (رپورٽر) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ کينسر ۾ پيءُ معصوم ڌي سميت کوھه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو
پوليس موجب 30 سالن جي ڪانجي پٽ پونو ميگھواڙ پنهنجي چار سالن جي معصوم ڌي جنتا سميت زندگي جو انت آندو
وارثن موجب نوجوان جي پهرين گهرواري ٻه سال اڳ ۾ آپگهات ڪيو، جنهن بعد 8 مهينا اڳ ٻي شادي ڪئي هئي
پهرين گهرواري مان 2 پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، معصوم نياڻي سميت آپگهات ڪيو آهي
باقي ٻه معصوم پٽ ناناڻي ويل هئا
پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ معاملو گهرو جهيڙو ۽ گهرو پريشاني جو لڳي رهيو آهي پيءُ ۽ معصوم ڌي جا لاش کوھه مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن