گهرو سيڪريٽري کي ڌر بڻائيندڙ پي ٽي آءِ نقوي کي جوابدار نه بڻايو!

گهرو سيڪريٽري کي ڌر بڻائيندڙ پي ٽي آءِ نقوي کي جوابدار نه بڻايو!

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اسپتال منتقلي تي حڪومت خلاف داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست ۾ گهرو وزير محسن نقوي کي ڌر نه بڻائڻ جو سبب ٻڌايو آهي. وڪيل علي عزير ڀنڊاري ايڪس تي وضاحت ڪندي لکيو ته اعظم تارڙ ۽ عطاءُ الله تارڙ کي هن توهين عدالت جي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي ڇاڪاڻ ته عمران خان جي منتقلي جي معاملي تي انهن جا بيان درخواست جو حصو آهن. وزيراعظم کي ڌر بڻائڻ جو بنياد يوسف رضا گيلاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي، جنهن ۾ اهو قرار ڏنو ويو هو ته جيڪڏهن حڪومت عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪري ٿي ته ذميواري آخرڪار وزيراعظم تي آهي. پي ٽي آءِ وڪيل موجب محسن نقوي کي ڌر نه بڻايو ويو ڇاڪاڻ ته معاملي تي اهڙو ڪو به بيان يا مواد سامهون نه آيو آهي جنهن جي بنياد تي کيس درخواست ۾ شامل ڪري سگهجي. پر جيڪڏهن اهڙو ڪو به مواد سامهون اچي ٿو يا عدالت سمجهي ٿي ته هو معاملي ۾ ملوث هو ته پوءِ کيس ڌر بڻائي سگهجي ٿو. گهرو سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي ڇاڪاڻ ته 1973 جي رولز آف بزنس تحت هو گهرو معاملن واري وزارت جو انتظامي سربراهه آهي.