گهرو وزير سان آمريڪا ۽ ايران جي سفيرن جي ملاقات: انتظامن بابت مشاورت

گهرو وزير سان آمريڪا ۽ ايران جي سفيرن جي ملاقات: انتظامن بابت مشاورت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر سان ملاقات، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي واڌاري ۽ خطي جي تازي صورتحال، اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪي سفير خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي مخلصانه ڪردار کي ساراهيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سڀ خاص مهمانن لاءِ سيڪيورٽي جا خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن، اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي دور جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون. اِن موقعي تي ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور، چيف ڪمشنر اسلام آباد سهيل اشرف، آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان ميمن به موجود هئا. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ملاقات، اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ ڪيل انتظامن متعلق ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سفارتي ۽ ڳالهين وارن چينلن ذريعي پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ايراني سفير ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو.