| گهريلو تشدد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: لا ڪانفرنس |
عمرڪوٽ (رپورٽر) آل پاڪستان لا ايسوسيئيشن ڊويزن ميرپورخاص طرفان عمرڪوٽ ۾ لا ڪانفرنس ڪرائي وئي جنهن ۾ هيومن رائٽس اينڊ ڊوميسٽڪ وائلنس بابت پئنل ڊسڪشن ڪرائي آگاهي ڏني وئي عمرڪوٽ آل پاڪستان لا ايسوسيئيشن ڊويزن ميرپورخاص جي اهتمام هيٺ عمرڪوٽ جي ڀٽائي هال ۾ هيومن رائٽس اينڊ ڊوميسٽڪ وائلنس جي عنوان سان هڪ لا ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي وئي جنهن ۾ وڪيلن سياسي اڳواڻن سماجي ڪارڪنن استادن ۽ شاگردن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مقررن ناليواري قانوندان سيد سردار علي شاه لڪياري راج آسناڻي وڪيل ابراهيم ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته انساني حقن جو تحفظ ۽ گهريلو تشدد جي روڪٿام وقت جي اهم ترين ضرورت بڻجي چڪي آهي هنن چيو ته گهريلو تشدد صرف هڪ گهر تائين محدود مسئلو ناهي پر اهو سڄي سماج کي متاثر ڪري ٿو جنهن جي خاتمي لاءِ قانون ادارن ۽ سماج کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو قانوني ماهرن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جو آئين هر شهري کي بنيادي انساني حق فراهم ڪري ٿو جن ۾ زندگي عزت تحفظ ۽ انصاف تائين رسائي شامل آهي پر عملي طور تي متاثر ماڻهو پنهنجا حق حاصل ڪرڻ کان محروم رهن ٿا.