گهر به پهچنداسين الائي نه، حياتي کي وڏو خطرو آهي: ام رباب جا سردار چانڊيو تي الزام : شاهدن کي گڏ آڻيو: سردار چانڊيو
جُولاءِ 22, 2023
دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي
ام رباب چانڊيو، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، فريادي ۽ جوابدار ڌر جا وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا
عدالت ٻه ڀيرا ٻڌڻي هڪ هڪ ڪلاڪ تائين ملتوي ڪئي بعد ۾ ام رباب چانڊيو ڌر جو وڪيل صلاح الدين پنهور عدالت ۾ پيش ٿيو، جوابدار ڌر جا سينئر وڪيل پيش نه ٿيا ۽ جونيئر وڪيلن جي استدعا تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي
ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته اڄ عدالت ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻا هئا پر جوابدارن جا سينئر وڪيل پيش نه ٿيڻ ڪري ٻڌڻي ملتوي ٿي آهي
ام رباب چيو ته ڄاڻي واڻي دير جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ته جئين شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهن پر عدالت 4 ۽ 5 آگسٽ تي ٻه ڏينهن ٻڌڻي رکي آهي
ام رباب وڌيڪ چيو ته ايترو دٻاءُ اسان تي ڪڏهن به ناهي پيو جيترو دٻاءُ هاڻي پئجي رهيو آهي ته اسان ڪيس تان هٿ کڻي وڃون ، اهڙي صورتحال ۾ خبر ناهي ته اسان گهر تائين پهچنداسين يا نه، هڪ پل جي به خبر ناهي پر اسان ڪنهن به صورتحال ۾ هٿ نه کڻنداسين
ام رباب چيو ته هي جيڪي پاڻ کي زميني خدا سمجهن ٿا انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان سندن آڏو نه جهڪنداسين، اسان عدالت ۾ انصاف جي اميد کڻي اچون ٿا ، اها اميد ٽٽڻ نه گهرجي ، ڪيس اڪلائي انصاف ڪيو وڃي
ٻئي طرف پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو جو چوڻ آهي ته فريادي ڌر جو وڪيل نه آيو ، 2 ڀيرا سڏ ٿيو پوءِ به وڪيل نه پهتو ، وري فريادي ڌر جو وڪيل پهتو ته هڪ شاهد موجود هو، هڪ نه هو ، اسان عدالت کي درخواست ڪئي ته ٻنهي شاهدن کي گڏ بيهاريو وڃي، شاهد نه هئڻ ڪري عدالت ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي آهي