مورو ( ن پ ا) گهر وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آھي ته نياڻيون ميڙ ٿي آيون، انڪري گھر کي باھ ڏيندڙن کي معاف ڪيو اٿم، ڪجهه جائزي ۽ ڪجهه ناجائزي گرفتار هئا، ميڙ منٿن ڪري مون سڀني کي معاف ڪيو آهي، جيڪڏهن معاف ڪرڻ بزدلي آھي ته واقعي مون بزدلي ڪئي آھي هن چيو ته اصل ۾ اھي استعمال ڪيا ويا ھئا، جڏهن ته محرڪات ٻيا آھن جن گھر ساڙيو آھي، انھن لڪل ھٿن کي پڪڙڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو ته جيڪي ڀڀڪيون هڻن پيا، منهنجو گهر ساڙڻ ۾ انهن جو ئي هٿ آهي، مورو کي ميدان جنگ بڻايو اٿن، سنڌ اندر جيڪو به مسئلو ٿيندو آھي، اھي سڀ مورو اچي احتجاج ڪن ٿا. مورو جو نالو پوري دنيا ۾ مشھور ٿي چڪو آھي. مرتضيٰ جتوئي ڌمڪي ڏني آهي، ان تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سرعام ڌمڪي ڏيڻ غير قانوني آھي، مٿس ڪيس داخل ٿي سگھي ٿو. ضياءُ الحسن لنجار مرتضيٰ جتوئي کي جواب ڏيندي چيو ته سياستدان ڌمڪيون ناھن ڏيندا، ھاڻي احتياط ڪجو. سياستدان جنگجو ناھي ھوندو، اھو پنھنجي عوام ۽ ملڪ جي حقن لاءِ وڙهندو آھي ۽ ھو بھتري چاھيندو آھي.