گهر وڃڻ ٿا چاهيون: جنگ سبب ويسٽ انڊيز ٽيم ڀارت ۾ ڦاٿل

گهر وڃڻ ٿا چاهيون: جنگ سبب ويسٽ انڊيز ٽيم ڀارت ۾ ڦاٿل

ڪولڪته (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿيڻ کان پوءِ ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم اڃا تائين ڀارت مان پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي انتظار ۾ آهي،اسرائيل ڌ- ايران  ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب فضائي رستا بند ٿيڻ جي ڪري ٽيم جي واپسي ۾ دير ٿي رهي آهي،جيتوڻيڪ زمبابوي اسڪواڊ جو پهريون بيچ وطن واپس روانو ٿي چڪو آهي، پر ويسٽ انڊين ٽيم اڃا تائين انتظار ڪري رهي آهي،ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿيڻ جي پنجن ڏينهن بعد به رانديگر ۽ اسٽاف ڪولڪته جي هڪ هوٽل ۾ رهيل آهن.صورتحال کان پريشان ٿيندي ويسٽ انڊين ٽيم جو ڪوچ ڊيرن سيمي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي ته “آئون گهر واپس وڃڻ چاهيان ٿو”.